شير محمد سومرو

شير محمد سومرو

شير محمد سومرو

شير محمد سومرو: شير محمد ولد آخوند احمد سومرو، 15 فيبروري 1937ع تي دادوءَ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم پنهنجي والد جي قائم ڪرايل پرائمري اسڪول ڇاڻو شاهه مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس مل هاءِ اسڪول دادوءَ مان پاس ڪيائين. 1955ع ۾ هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ ڊرائنگ جو استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران ايم. اي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ ڪيائين. شير محمد سومري لکڻ جو سلسلو ننڍپڻ کان ئي شروع ڪيو. هيءُ سٺي شاعر سان گڏ سٺو مصور به هو. مصوريءَ جو فن پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد وريل سومري کان سکيائين، پاڻ سٺو سازندو به هو، استاد رجب علي سخيراڻي ۽ استاد صالح محمد ساند کان موسيقيءَ جي تربيت حاصل ڪيائين. راندين جي حوالي سان به سندس اهم سڃاڻپ آهي. هن اسٽيج ۽ ٽيليويزن جي پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. مشهور فنڪارن منظور سخيراڻي، خادم حسين سخيراڻي، قمر سومري ۽ اداڪار احمد ميمڻ کي فن جي دنيا ۾ شير محمد سومري متعارف ڪرايو. سندس ڪتاب ‘والي بال کان شوٽنگ بال تائين’ راندين جي باري ۾ سٺي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. قلندر شهباز جي ميلي جي موقعي تي مختلف پروگرامن ۾ هن جو ڪردار رهيو آهي. سندس ڪارڪردگيءَ تي شهباز ڪميٽيءَ طرفان کيس 1995ع ۾ ‘قلندر اوارڊ’ ڏنو ويو. هن دادوءَ جي ڇاڻو شاهه آباد ۾ فور ايس ميران بيبي اڪيڊمي جي نالي سان درسگاهه قائم ڪئي، جنهن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني وڃي ٿي.
شير محمد سومري، 31 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ شير محمد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.02.15  عيسوي

شير محمد ولد آخوند احمد سومرو، 15 فيبروري 1937ع تي دادوءَ ۾ ڄائو.


2012.01.31  عيسوي

شير محمد سومري، 31 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل آغا
ابڙو علامه علي خان
ريڊنگ لارڊ
عطاء الله خان مينگل
رحمت خان گبول
سيد بچل شاهه تابش نقوي
حڪيم حبيب الله بکري
دريا خان جسڪاڻي
پيرو کٽي
مولانا محمد شيدا چنجڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون